تازه ترين

پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو، سموري قوم کي دل جي گهراين سان آزادي ڏهاڙو مبارڪ هجي : اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته هو ايٽمي طاقت آهن، کين معاشي قوت بڻجڻو پوندو، پاڪستان ۾ تشدد جي ڪابه جاءِ ناهي، گڏجي وچن ڪريو ته کين سازش جو حصو ناهي بڻجڻو، گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. ڪوئيٽا جي اڪبر بگٽي اسٽيڊيم ۾ جشن آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ناراضگي کي ڇڏي پاڪستان جا وفادار ٿيو، هو بلوچستان جون محروم ختم ڪندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو، سموري قوم کي دل جي گهراين سان آزادي ڏهاڙو مبارڪ هجي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايٽمي قوت آهي، جلد معاشي قوت بڻجندو، اهو وقت پري ناهي، جڏهن پاڪستان ترقي ڪندو. هن چيو ته 2017ع ۾ پاڪستان دنيا جي 24هين وڏي معيشيت بڻجي چڪو هو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين نمبر تي هئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان وٽ اربين کربين رپين جي معدنيات آهي، پاڪستان مستقبل ۾ هڪ اڀرندڙ ستارو هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
1.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون