تازه ترين

پاڪستان جو وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي، سموريون ڌريون امن کي ترجيح ڏين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪندي قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ سنگين انساني بحران پيدا ٿيو آهي. ترجمان موجب، اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، لبنان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي،  جنهن سان بيگناهه شهرين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن، فلسطين، لبنان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻن گھرجن، پاڪستان لبنان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون