- Advertisement -
پاڪستان ۽ افغان طالبان رجيم وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڄ کان استنبول ۾ شروع ٿيندو.
حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو.
وفد ۾ اعليٰ عسڪري اختيارين ۽ پرڏيهي آفيس جا آفيسر شرڪت ڪندا.
ذريعن موجب دوحا ۽ استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي ٻنهي دورن جي نتيجن تي غور ڪيو ويندو.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جو معاملو اٿاريندو.
پاڪستان مداخلت جي روڪٿام جي لاءِ جامع معاهدي تي ٻيهر زور ڏيندو.
ترڪيه ۽ قطر انهن ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندا، رٿيل ٿيندڙ ڳالهين جو ميزبان ترڪيه هوندو…….
- Advertisement -
