- Advertisement -
پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر باضابطا رابطو ٿيو آهي.
گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغان ڪانفرنس ۾ شريڪ افغان وفد پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي، افغان وفد جي ڀارتي وفد سان اڳ ئي ملاقات ٿي هئي.
پاڪ افغان وفدن جي ملاقات قطر ۾ پاڪستان سفير جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي آصف دراني ۽ افغان طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجود هو.
پاڪستاني سفير افغان وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو.
پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي، امن جي خواهش ٻنهي طرفن کان آهي.
ذريعن موجب دوحا ۾ پاڪ افغان وفدن جي ملاقات هاڪاري رهي، افغان وفد ڪانفرنس ۾ افغان موقف جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.- Advertisement -
