- Advertisement -
پاڪ فوج آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ 2024ع ۾ پاڪستان لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون.
سال 2024 دوران گڏيل طور تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف 59 هزار 775 مختلف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا.
ڪامياب ڪاررواين دوران 925 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي دهشتگردن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.
دهشتگردي جي ناسور کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان آرمي، انٽيليجنس، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران روزانو 169 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا پيا وڃن.
هلندڙ سال انهن ڪاررواين دوران 73 انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ فدا الرحمان عرف لال،زوب ڊويزن، علي رحمان عرف طٰحهٰ سواتي ۽ ابو يحيٰ شامل آهن.
رياستي ادارن جي بهترين حڪمت عملي سبب 14 مطلوب دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا.
سڪيورٽي فورسز جي ڪامياب حڪمت عملي سبب 2 آپگهاتي بمبار گرفتار ڪري ملڪ کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو، جڏهن ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف آرمي چيف جو واضح موقف آهي.
آرمي چيف جنرل آصف منير جو چوڻ هو ته پاڪستان کي افغانستان مان آزاد دهشتگرد ڪاررواين تي خدشا آهن، هڪ پاڪستاني جي جان ۽ حفاظت اسان لاءِ افغانستان کان وڌيڪ اهم آهي.
پاڪستاني رياست جو واضح موقف آهي ته غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث مافيا دهشتگردن جي سهولتڪار آهي، واضح رياستي پاليسي کي نظر ۾ رکندي هن سال اسمگلنگ، بجلي چوري، ڀتا خوري ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي.
هن سال آرمي چيف جي ڪامياب فوجي سفارتڪاري سبب پاڪستان اهم سنگ ميل عبور ڪندي ڪامياب فوجي سفارتڪاري اهم ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪيا ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌايو.
پاڪستان گڏيل قومن ۾ غزه، لبنان ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام لاءِ موثر آواز بڻجي اڀريو.
سال 2024 ۾ سفارتي سطح تي به اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون ۽ پاڪستان اهم ايس سي او ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ چين، روس، بيلاروس، قازقستان، ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جي وزيراعظمن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايران جي نائب صدر ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
هلندڙ سال ڪيترن ئي اهم ملڪن جي سربراهن به پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون- Advertisement -
