تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان ۾ دهشتگردن کي را فنڊنگ ڪي رهي آهي: سرفراز بگٽي

- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردن کي را فنڊنگ ڪي رهي آهي. ڪوئٽا ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته  هو دلير اي ٽي ايس جي جوانن کي سلام پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خدمت هر فيلڊ ۾ رهندڙ  ماڻهو ڪري رهيا آهن پر ملڪ لاءِ رت وهائڻ عظيم ماڻهن جو ڪم آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جو دشمن بزدل آهي ۽ چالاق آهي، دشمنن کي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را فنڊنگ ڪري رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته را دشمنن کي معصوم ماڻهن جي رتوڇاڻ تي لڳائيندي آهي، جنگ جي پڄاڻي ڪجهه به ناهي،  بندوق جي زور تي پنهنجو نظريو نه ٿو مڙهي سگهجي، پاڪ فوج ۽ جوان گڏجي سندن ارادن کي ناڪام ڪندا. هن چيو ته دشمن جي خواهش هئي ته ٽريننگ اسڪول بند ٿي وڃي پر هلي رهيو آهي، ملڪ جا اسڪول آباد آهن، دشمنن پارڪن ۽ اسپتالن تي حملو ڪيو. سندس چوڻ هو ته غازين کي همت ۽ دلير سان مقابلو ڪرڻو آهي،  پاڪستان قيامت تائين قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي، ڪو هڪ انچ کي به نقصان ٿو پهچائي سگهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته جوانن کي روڊن ۽ ادارن جي حفاظت ڪرڻي آهي، دهشتگردن جي اکيون اکين ۾ وجهي مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته اي ٽي ايف اسڪول ۾ سولر سرچ لائٽون لڳايون وينديون، سموري اي ٽي ايف اسڪول ۾ ٿرمل ڪيمرائون لڳايون وينديون، ٿرمل ڪئمرائين جي رينج ٻن کان اڍائي ڪلوميٽرن تائين  هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون