تازه ترين

پاڪ فوج دشمن جي هر اڳرائي خلاف لوهي ڀت ثابت ٿيندي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته پاڪ فوج دشمن جي هر اڳرائي خلاف لوهي ڀت ثابت ٿيندي، نوجوان قوم جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي،  پاڪستان افغانستان ۾ خارجين جي موجودگي خلاف جٽادار قدم کنيا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي صوابي جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪ افغان سرحدي ڇڪتاڻ، سڪيورٽي صورتحال ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ خارجين جي موجودگي خلاف جٽادار قدم کنيا آهن، اڳتي به پاڪ فوج هر دشمن جي اڳرائي خلاف لوهي ڀت ثابت ٿيندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته نوجوان قوم جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم آهي. شاگردن ۽ استادن پاران پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. يونيورسٽي جي شاگردن جو چوڻ آهي ته اهڙيون وڌيڪ ويهڪون ڪرايون وڃن ته جيئن ڊس انفارميشن ۽ واويلا جو خاتمو ٿئي، قوم امن جي ڪوششن ۽ ملڪي ترقي ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي. هنن چيو ته پاڪ فوج دشمن کي ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو جنهن تي کين فخر آهي، سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا ويا جنهن سان ذهنن ۾ موجود شڪ شبها ختم ٿيا…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
14 %
3.4kmh
0 %
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °

تازه ترين خبرون