تازه ترين

پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي، پاڪستان جي خطي ۾ اهم حيثيت آهي، علاقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ اجتماعي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. اسلام آباد ۾ ريجنل ٽرانسپورٽ منسٽرز ڪانفرنس 2025ع کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان علاقائي رابطن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، معاشي ترقي ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو وڏي اهميت رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته علاقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ اجتماعي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان جا روڊ علاقائي رابطا ڪاري ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، حڪومت ريل ۽ روڊ نيٽ ورڪس کي ترجيحي بنيادن تي هٿي ڏئي رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان ئي اجتماعي ترقي جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ تحت روڊ منصوبا رابطن بابت اهم آهن. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ جو منصوبو غور هيٺ آهي، پاڪستان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا سان واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته بجلي جا منصوبا توانائي ۾ ڪفالت بابت اهم آهن، هو پنهنجي بندرگاهن کي جديد ڪري رهيا آهن، هو اِي پورٽ جي منصوبي تي به ڪم ڪن پيا، پاڪستان شيون ٻاهر اماڻڻ تي ٻڌل معاشي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
13 %
3.8kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون