- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن به پرڏيهي اڳرائي جو جواب سخت ۽ شديد هوندو.
ايبٽ آباد ۾ مختلف يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان ويهڪ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان ويهڪ ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر پاڪ افغان ڇڪتاڻ، ملڪي سڪيورٽي صورتحال ۽ حق جي جنگ سميت اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڳالهه ٻولهه دوران واضح ڪيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ فتنه الخوارج خلاف هاڪاري قدم کنيا آهن.
هن چيو ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن به پرڏيهي اڳرائي جو جواب سخت ۽ شديد هوندو.
استادن ۽ شاگردن شهيدن ۽ غازين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.
هزاره يونيورسٽي جي وائس چانسلر چيو ته پاڪ فوج هميشه هر محاذ تي اول هوندي آهي ۽ هو پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.
استادن جو چوڻ آهي ته سندن ٻارن جي ذهنن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ دشمن عنصرن جون سرگرميون وڌي ويون آهن، ضروري آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي درست معلومات فراهم ڪن.
شاگردن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي جوابن سندن ذهنن مان ملڪي ۽ صوبائي حالتن سميت پاڪ فوج بابت شڪ شبها ختم ڪري ڇڏيا………
- Advertisement -
