تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ 55 ارب رپين جو پيڪيج منظور ڪيو آهي: سنڌ جو وڏي وزير مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ 55 ارب رپين جو پيڪيج منظور ڪيو آهي، پيڪيج تحت 4 لک 12 هزار ننڍن آبادگارن کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ فراهم ڪيو پيو وڃي، انشاءَ الله هلندڙ سال 22 لک ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکي ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي آبادگارن جي سپورٽ پروگرام بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ 55 ارب رپين جو پيڪيج منظور ڪيو آهي، پيڪيج تحت 4 لک 12 هزار ننڍن آبادگارن کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته انشاءَ الله هلندڙ سال 22 لک ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکي ڪئي ويندي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته هارين جي زمين جي رڪارڊ جي تصديق لاءِ اينڊرائيڊ بيسڊ ايپ ٺاهي وئي آهي، اينڊرائيڊ ايپ آن لائن ۽ آف لائن ٻنهي صورتن ۾ ڪم ڪندي. مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي ته هيڊ آفيس ۽ ضلعن کي جوڙڻ لاءِ مانيٽرنگ ڊيش بورڊ تيار ڪيو ويو، جنهن کي ايس ايم ايس سروس سان ڳنڍيو ويو آهي، سنڌ بينڪ وٽ 4 لک هاري ڪارڊ اچي ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ننڍن آبادگارن کي فوري مالي امداد جي رقم منتقل ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي وئي آهي ان لاءِ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ضروري آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
32 %
3.9kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون