- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عاصم افتخار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي سرگرمين تي بريفنگ ڏني.
سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين گڏيل قومن فورمز تي پاڪستان جي موقف کي هاڪاري انداز ۾ اجاگر ڪيو پيو وڃي.
عاصم افتخار جو چوڻ هو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي پاڪستان جي اهم پرڏيهي پاليسي ترجيحن ۾ شامل آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزير طرفان عالمي امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي زور ڏنو ويو- Advertisement -
