تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام ٽو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام ٽو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پي آءِ ٽي پي ون جي شاندار ڪاميابي فخر جو سبب آهي، شاگردن عالمي معيار جون آءِ ٽي صلاحيتون حاصل ڪيون. وڏي وزير مراد علي شاهه ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پي آءِ ٽي پي ٽو رڳو تربيت نه پر هڪ انقلابي اڳڀرائي آهي، صحافين جي تربيت سندن پروفيشن ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته عورتن جي ڀرپور شموليت ۽ ڳوٺن جي نمائندگي هن پروگرام جو اعزاز آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته هزارين شاگردن عالمي معيار جون آءِ ٽي مهارتون حاصل ڪيون، 13 هزار 565 شاگردن کي تربيت ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته پي آءِ ٽي پي ٽو جي لاءِ 14 سئو ملين رپيا رکيا ويا آهن، 35 هزار شاگردن کي جديد تربيت ڏني ويندي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته تربيت 12 جديد ٽيڪنالوجيز تي لاڳاپيل اين اي ٽي، مهران يونيورسٽي ۽ سکر آءِ بي اي فراهم ڪندي. سندس چوڻ هو ته هڪ هزار 750 شاگردن کي گوگل ڪروم ڪتاب ڏنا ويندا، ميٽرڪ کان گريجوئيشن جا شاگرد 28 سالن جي عمر تائين درخواست ڏئي سگهندا. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پي آءِ ٽي پي ٽو رڳو تربيت نه بلڪ هڪ انقلابي اڳڀرائي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊجيٽل صحافت 2 ڏهائي ٻڙي تحت هڪ هزار اسڪالرشپس ڏنيون وينديون، ڊجيٽل ميڊيا لٽريسي ۾ سيڙپڪاري، سچائي ۽ جمهوري سنڌ جي ضمانت آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون