تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

کيس سکر سان عشق آهي، اهو عشق سنڌو درياهه، ٻلهڻ، عوام ۽ مهاڻن لاءِ آهي: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر

- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته کيس سکر سان عشق آهي، اهو عشق سنڌو درياهه، ٻلهڻ، عوام ۽ مهاڻن لاءِ آهي. سکر ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته هتي ماحولياتي معاملن کي اهميت ناهي ڏني ويندي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ به حڪمرانن چيو ته دريائن جا لنگهه کوليندا، عالمي ادارن کان فنڊ ورتا ويا ڪٿي خرچ ٿيا خبر نه آهي، شايد ڪئنال ڪڍڻ تي خرچ ٿيا جن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀيڻ سان گڏجي نوجوانن لاءِ پارٽي ٺاهيندو، هو سمجهي ٿو ته نوجوان کين رستو ڏيکاريندا. ذوالفقار ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته کين پڪو يقين آهي ته پاڪستان جي ترقي قدرتي ماحول، ڌرتي ۽ درياهه سان جڙيل آهي، پاڻي ۽ معدنيات بابت پنهنجي پاليسي جوڙينداسين. سندس چوڻ هو ته تاريخ شاهد آهي ته هن ملڪ جي هارين ۽ شاگردن وڏا بُت ڪيرايا. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سويلين ۽ وڪيلن طاقت جو مظاهرو ڪيو انهن پاڻي جو ڪيس وڙهيو جنهن لاءِ کين سلام آهي. سندس چوڻ هو ته 1973ع واري آئين کي واپس اصل شڪل ۾ آڻڻ چاهين ٿا، ترمام مٿان ترميم آئين جي اصل صورت وڃائي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته سياسي طاقت ۽ مضبوط ارادي سان ايشيا جي حڪمراني ڪري سگهون ٿا……….  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون