- Advertisement -
پي ايس 9 ڳڙهي ياسين تي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي پٽ آغا شهباز دراني، آر او آفيس ڳڙھي ياسين پھچي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا.
ڳڙهي ياسين تعلقي جي پ پ ڪارڪنن سميت ايم پي اي محمد عارف خان مهر، مير بابل ڀيو جو فرزند جونيئر الطاف ڀيو به آغا شهباز دراني سان گڏ هئا.
آغا شهباز خان دراني کانسواءِ دراني خاندان جي بئريسٽر مصطفيٰ دراني ۽ بئرسٽر علي خان دراني به ڪورنگ اميدوار طور نامزدگي فارم جمع ڪرايا.
نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا شهباز دراني چيو ته سندن خاندان پارلياماني سياست ذريعي ڳڙهي ياسين تعلقي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، عوام ووٽ ڏئي موقعو فراھم ڪيو ته عوامي خدمت ڪبي.
ڪماريو خاندان پاران پارٽي قيادت کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيڻ جي حوالي سان آغا شهباز دراني چيو ته نامزدگي فارم وٺي جمع ڪرائڻ يا پارٽي قيادت کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيڻ هر ڪنهن کي حق آهي.
هن چيو ٽڪيٽ جي حوالي سان پر اميد آهي، وڌيڪ پارٽي قيادت جو فيصلو قبول هوندو.
سندس چوڻ هو ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ والد سان گڏجي غريب مسڪين عوام جي خدمت ڪئي.
هن چيو سڀاڻي خبر پوندي ته پيپلزپارٽي سان تڪ تي ڪير مقابلي لاءِ ميدان تي اچي رهيو آهي………………
- Advertisement -
