تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ باني جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ اڊيالا جيل مان پيو هلائي: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ اڊيالا جيل مان آپريٽ پيو ٿئي، هي شخص اقتدار جي حوس ۾ ملڪ کي داءَ تي لڳائڻ لاءِ تيار آهي، ان بابت وزيراعظم خدشا درست آهن، عدالت مان ڪنهن کي به غير ضروري رليف نه ملڻ گهرجي، پي ٽي آءِ دور ۾ ڪجهه مخصوص ماڻهن کي اربين رپيا معاف ڪيا ويا. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، موٽر رجسٽريشن آفيس سوِڪ سينٽر پاڪستان جي سڀ کان وڏي آفيس آهي، عوام کي آسانيون فراهم ڪرڻلاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني مونجهاري جو شڪار آهي، کيس ملڪ خلاف لانچ ڪيو ويو، پاڪستان جي وڏين شخصيتن پي ٽي آءِ باني جي لانچنگ کان اڳ چئي ڇڏيو هو، ان بابت وزيراعظم جا خدشا غلط ناهن. شرجيل ميمڻ چيو ته 2018ع ۾ پهريان پي ٽي آءِ بانيءَ قرض معاف ڪرايا، مخصوص ماڻهن جا  40-40 ارب رپيا پي ٽي آءِ بانيءَ پاڻ معاف ڪيا. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ پنهنجي اڪائونٽ تان وڊيو اپلوڊ ڪئي، بئريسٽر گوهر چيو ته وڊيو جو مقصد اداري کي ٽارگيٽ ڪرڻ نه هو. شرجيل ميمڻ چيو ته هي اهو ئي شخص هو، جيڪو  چوندو هو ته سڄي دنيا مان روزگار لاءِ ماڻهن هتي ايندا، پيپلزپارٽيءَ تاريخ جي بدترين تشدد کي منن ڏنو سمورين سزائن باوجود ملڪي سالميت خلاف سازش نه ڪئي، شهادتون به ڏنيون ۽ پاڪستان کپي جو نعرو به هنيو. سينيئر صوبائي وزير چيوته ايڪسائز جا آفيسر ايڪشن وٺي رهيا آهن، هتي ڪا به سفارش ناهي، جيڪو ڪم ڪندو اهو رهندو، کين پنهنجي فورسز جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، جتي غلطيون ۽ ڪوتاهيون هونديون آهن، اتي سزا ملي ٿي……………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون