- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جو مينڊيٽ شڪي هجي ته ملڪ ناهن هلندا، کين بنيادي معاملن کي درست ڪرڻو پوندو، ميان نوازشريف سان 35 ورهين جو تعلق آهي ۽ رهندو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقاب عباسي چيو ته هو ان سياست سان متفق ناهي جنهن جي چونڊ مسلم ليگ ن ڪئي آهي، هو عوامي راءِ جي حق ۾ آهي.
هن چيو ته حڪومت جو مينڊيٽ شڪي هجي ته ملڪ ناهن هلندا، کين بنيادي معاملن کي درست ڪرڻو پوندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت اوترا ئي ڏينهن هلندي، جيترا ان کي آڻڻ وارا هلڻ ڏيندا.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد ڇا آهي، اهو کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي، پر ان لاءِ دعاڳو آهي- Advertisement -
