- Advertisement -
حڪومت دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن جو ذميوار اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ پي ٽي آءِ باني کي قرار ڏئي ڇڏيو، عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ملي ڀڳت سان طالبان کي واپس آندو ويو، پي ٽي آءِ باني ملڪ جو امن خراب ڪيو ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪيو، فوج جو اندروني احتساب بابت پنهنجو طريقو آهي، ثاقب نثار هجي يا ڪو ٻيو معاملو اڳتي ضرور وڌندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ملڪ ۾ سازش جو سربراهه تحريڪ انصاف باني ۽ مددگار اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ هو.
سندس چوڻ هو ته هڪ سياسي ليڊر ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ ورهاست جي سياست کي هٿي وٺرائي، هن ملڪ ۾ بدامني پکيڙي ۽ ملڪي سلامتي خلاف سازشون ڪيون.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ، تحريڪ انصاف باني جي سازش ۾ شامل هو، دهشتگردن کي واپس ڪير وٺي آيو، ڇا اهي به ملي ڀڳت نه هئي، طالبان کي واپس آڻي رهايو ويو، اها به ملي ڀڳت آهي.
هن چيو ته مهانگائي ان دور ۾ ٿي جڏهن 190 ملين پائونڊ جو ڪيس ٿيو، سازش جو سربراهه تحريڪ انصاف باني ۽ اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ سندس مددگار هو، ثاقب نثار هجي يا ڪو ٻيو معاملو اڳتي وڌندو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پاڪ فوج ۾ خوداحتسابي جو پنهنجو طريقيڪار آهي، فوج جي اداري خود احتسابي جو عمل شروع ڪيو، ڇا هي اسٽارٽنگ پوائنٽ آهي، هو فوج جي خود احتسابي عمل کي سٺو سنوڻ سمجهن ٿا، باقي ادارن کي به خود احتسابي جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي.- Advertisement -
