نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا وفادار عام چونڊن ۾ حصو وٺندا، ليول پليئنگ فيلڊ جي ان کان وڌيڪ هو ڪهڙي خاطري ڪرائي، چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي هو به چاهن ٿا ته ملڪ ۾ هڪ مستقل حڪومت اچي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي ڏيهه واپس نه موڪليو پيو وڃي، غير قانوني پرڏيهي واپس وڃي قانوني طور موٽي اچي سگهن ٿا، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين کي رهائش جي اجازت ناهي،.
لاهور جي ميو اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ تي ڪا به پابندي ناهي لڳائي ته نگران حڪومت ان تي پابندي ڪيئن ٿي لڳائي سگهي؟
هن چيو ته ڪنهن پارٽيءَ تي پابندي مڙهڻ نه سندن اختيار آهي نه ئي قانون ان جي اجازت ڏي ٿو، پي ٽي آءِ چيئرمين جا وفادار اليڪشن ۾ حصو وٺندا، ان کان وڌيڪ هو ڪهڙي ليول پليئنگ فيلڊ جي خاطري ڪرائي؟
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي ڏيهه واپس نه موڪليو پيو وڃي، غير قانوني پرڏيهي واپس وڃي قانوني طور موٽي اچي سگهن ٿا، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين کي رهائش جي اجازت ناهي.
نگران وزيراعظم چيو ته غزا جي صورتحال مذمت جوڳي آهي، اتي فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي، جيڪو به اسرائيل غزا ۾ ڪيو ان جو جواز فراهم نه ٿو ڪري سگهجي.