تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارتي آرمي چيف جا بيان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي : پاڪ فوج

- Advertisement -
پاڪ فوج ڀارتي آرمي چيف جي الزامن تي سخت ۽ واضح موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف والاريل ڪشمير ۾ بدترين ظلم جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ڀارتي آرمي چيف جا بيان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. آرمي چيف جو چوڻ آهي ته اهڙيون سازشون ڪشميري عوام جي جائز مقصدن حاصل ڪرڻ جي خواهش کي دٻائي نه ٿيون سگهن، ڀارت غير قانوني انتظامي ۽ هڪ طرفي طور لاڳو ڪيل ڪاري قانونن ذريعي ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هڪ دفاعي تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي رياست هميشه مظلوم ڪشميرين تي ٿيندڙ غير انساني ظلمن خلاف دنيا جي هر فورم تي اثرائتي آواز بلند ڪئي آهي. دفاعي تجزيه نگار جو چوڻ هو ته 5 فيبروري، ڪشمير يڪجهتي جو ڏينهن، صرف هڪ ڏينهن نه پر هڪ عهد آهي، جيڪو پاڪستاني عوام ڪشميرين سان ڪيو آهي. دفاعي تجزيه نگار جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل سڀني غير انساني ظلمن باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پاڪستان هميشه دنيا جي هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13.7 ° C
13.7 °
13.7 °
14 %
2.8kmh
66 %
خميس
13 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون