قومي ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته ڀارت جي ورتاءَ ۽ عمل کي ڏسندي ايشيا ڪپ ٽرافي ڏيڻ ئي نه گهرجي، ايشيا ڪپ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميواري نريندر مودي آهي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته ڪرڪيٽ ۾ انهن ماڻهن کي آڻڻ گهرجي جن کي هن راند جي معلومات هجي..
سندس چوڻ هو ته ڀارت جي ورتاءَ ۽ عمل کي ڏسندي ايشيا ڪپ ٽرافي ڏيڻ ئي نه گهرجي، ايشيا ڪپ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميواري نريندر مودي آهي.
قومي ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ سٺا لاڳاپا هئا، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ورتاءَ سبب معاملا متاثر ٿيا آهن.
جاويد ميانداد چيو ته اقتدار کسجڻ کانپوءِ ماڻهو نريندر مودي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندا……….