- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو هيمناڻي چيو آهي ته ڀارت ۾ مذهبي اقليتن سان ٿيندڙ ورتاءَ تي آمريڪي ڪميشن جو بيان ڳڻتي جوڳو آهي.
ڀارت ۾ مذهبي اقليتن سان ورتاءَ بابت آمريڪي ڪميشن جي تازي بيان تي سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو هيمناڻي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جا نالا ووٽر لسٽن مان خارج ڪرڻ ۽ ملڪ بدر ڪرڻ بابت سوال اٿڻ گهرجن.
سکديو هيمناڻي چيو ته ڀارت ۾ مذهبي آزادي جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڀارتي ڳجهي اداري را ۽ تنظيم آر ايس ايس تي پابنديون لڳايون وڃن.
هن چيو ته ڀارت کي مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙين سبب خاص ڳڻتي وارو ملڪ قرار ڏنو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت مسلمان شهرين جي ووٽ جو حق محفوظ بڻائڻ بابت وضاحت ڏئي.
سکديو هيمناڻي چيو ته ڪشميري عوام جو حق خوداراديت ۽ مذهبي اقليتن جي آزادي بنيادي انساني حق آهن.
هن چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڀارتي حڪومت ٻڌائي ته جن مسلمان شهرين جي نالي ووٽر فهرستن مان ڪڍيا ويا آهن، ان جي راءِ جي حق جو تحفظ ڪيئن ٿيندو؟
هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري ڪشميرين ۽ ڀارتي اقليتن جي تحفظ لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي.- Advertisement -
