- Advertisement -
سنڌ روينيو بورڊ جي معاملن بابت وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان ترديد ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل معاملي تي ميڊيا ۾ غلط تاثر ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ ڪا صداقت ناهي.
وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ روينيو بورڊ کي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کان وٺي ناڻي کاتي حوالي ڪرڻ سان وڏي وزير جا اختيار محدود نه ٿيندا.
ترجمان موجب روينيو بورڊ جا معاملا ٻين صوبن ۾ ناڻي کاتي جي ماتحت هلي رهيا آهن، ناڻي کاتي تحت روينيو بورڊ کي حوالي ڪرڻ به وزيراعليٰ جي ماتحت اچي ٿو.
وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب سنڌ روينيو بورڊ کي ناڻي واري وزارت جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو سنڌ ڪابينا جي منظوري سان ڪيو ويو آهي..- Advertisement -
