تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عراق جي وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير سان ملاقات

- Advertisement -
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عراق جي وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران دفاعي سهڪار سميت مختلف معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سرڪاري دوري تي عراق ۾ موجود آهي، جتي سندس اهم شخصيتن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي عراقي وزيراعظم محمد شيعه السوداني، بچاءَ واري وزير، گهرو وزير ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سان ملاقاتون به ٿيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب، ملاقاتن دوران سڪيورٽي، دفاعي سهڪار ۽ موجوده علاقائي صورتحال سميت دلچسپي جي اهم شعبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنرل ساحر  شمشاد مرزا جي عراقي هٿياربند فوج جي هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي فوجي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، عراقي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو ۽ عراقي سول ۽ فوجي قيادت جي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون