تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني شهرين تي آپگهاتي حملي جو هڪ ٻيو ڪيس داخل

- Advertisement -
ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني شهرين تي آپگهاتي حملي جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي پاران شروعاتي جاچ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. گرفتار جوابدار جاويد جي انڪشافن بعد هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو. گرفتار ڪيل جوابدار انڪشاف ڪيو ته پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر حملو ڪرڻ لاءِ ويگو ڪار خريد ڪري ڏني. هن ٻڌايو ته حملي جو ماسٽر مائينڊ بشير بلوچ هو، جڏهن ته گاڏي عامر رحيم جي شو روم تان خريد ڪري خودڪش بمبار شاهه فهد کي فراهم ڪئي وئي. شوروم تي گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ 10 هزار رپيا بيانو ڏنو ويو، جڏهن ته ٻي رقم حب چوڪي جي نجي بئنڪ کان منتقل ڪرڻ لاءِ چيو ويو. رپورٽ موجب پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر ۽ ماسٽر مائينڊ بشير بلوچ ۽ عبدالرحمان فنڊنگ ۽ پلاننگ ڪئي، جڏهن ته دهشتگردي جو منصوبو مارجي ويل دهشتگرد شاهه فهد ۽ گرفتار جوابدار جاويد جوڙيو هو. ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي ڪمانڊر ۽ ماسٽر مائينڊ بشير احمد بلوچ عرف بشير زيب ۽ عبدالرحمان عرف رحمان گل کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
27 %
1.8kmh
22 %
اڱارو
20 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون