تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي دير جو طريقو قرار ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊ جي فيصلي خلاف داخل نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان خميس ڏينهن مصروفيت سبب التوا جي درخواست ڪئي هئي. چيف جسٽس چيو ته حامد خان اڄوڪي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، اهڙي درخواست پهريون ڀيرو سامهون آئي آهي، سپريم ڪورٽ وٽ ته وڊيو لنڪ جي سهولت به موجود آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڇا انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي وئي آهي يا نه؟ ان تي اڪبر ايس بابر جو وڪيل روسٽرم تي اچي ويو. چيف جسٽس ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست پڙهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 13 جنوري تي فيصلو آيو پر نظرثاني درخواست 6 فيبروري تي داخل ٿي، لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف  فيصلي تي نظرثاني نه ٿي چاهي. اڪبر ايس بابر جي وڪيل چييو ته 3 مارچ تي انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي، جيڪا چئلينج ٿي. چيف جسٽس چيو ته تحريڪ انصاف طرفان التوا گهرڻ دير جو طريقو آهي، ڪيس ملتوي ڪريون ٿا پر سچ ڳالهائڻ گهرجي. عدالت چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا وڪيل ناهن آيا نه ئي ڪو مددگار پيش ٿيو آهي، اهو طريقو درست ناهي، سپريم ڪورٽ ۾ اهڙو رويو نه هجڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته انصاف جي گهرجن تحت ڪيس ملتوي ڪيو پيو وڃي، حامد خان جي ذات لاءِ ڪيس ملتوي نه ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون