تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چيف سيڪريٽري سنڌ جو ڪراچي چڙيا گهر لاءِ ايندڙ وقت ۾ غير مقامي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي چڙيا گهر بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ميونسپل ڪمشنر، ڊائريڪٽر ريڪريئيشن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته چڙيا گهر ۾ هن وقت مختلف قسمن جا لڳ ڀڳ 850 جانور ۽ پکي موجود آهن ۽ 2012 کان وٺي چڙيا گھر لاءِ ڪو به جانور خريد نه ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي چڙيا گهر کي مستقبل ۾ غير ملڪي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڌارين جانورن کي نه رکڻ گهرجي، اهي هتان جي ماحول ۾ زندهه نٿا رهي سگهن. هن چيو ته جانورن کي ضروري جڳهه کاڌي ۽ ماحولياتي حالتن کان محروم ڪيو ويندو آهي ته ۽ اهي دٻاءُ، بيماري ۽ وقت کان اڳ موت جو شڪار ٿي ويندا آهن. چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته چڙيا گھر ۾ سڀني جانورن کي عالمي معيار مطابق کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت چڙيا گھر ۾ جانورن جي خوراڪ ۽ صحت لاءِ ضروري فنڊ فراهم ڪندي. چيف سيڪريٽري جهنگلي جيوت کاتي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايتون ڏنيون ته جانورن ۽ پکين جي غير قانوني واپار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
31 %
2.5kmh
62 %
اربع
18 °
خميس
23 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
20 °

تازه ترين خبرون