اسماعيلي ڪميونٽي جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي شخصيتن پاران تعزيت جو اظهار

- Advertisement -
اسماعيلي ڪميونٽي جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي شخصيتن پاران تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، پ پ ترجمان شازيه مري، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو، توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير شاهد ٿهيم، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين پاران پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندن چوڻ هو ته هوُپرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي اسماعيلي برادري جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. هنن چيو ته ڪريم آغا خان هڪ قابل اڳواڻ هو، هن پنهنجي زندگي سڄي دنيا جي مختلف برادرين جي ڀلائي لاءِ وقف ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
16%
4.2m/s
0%
خميس
27 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون