ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس ۾ روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
ميرپورخاص جي عدالت عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس ۾ روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 13 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت ڪيس ۾ روپوش جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ تي ايف آءِ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 13 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. فريادي ڌر جي وڪيل امير احمد مڱريو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس ۾ گرفتار سي آءِ اي اھلڪار ھدايت الله ناريجو ۽ ٻين جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ھئي پر ميرپورخاص جي عورت وڪيل جي فوت ٿيڻ سبب جوابدارن جا وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھيا. هن چيو ته ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر راشد ڀٽي عدالت ۾ پيش ٿي عدالت کي آگاھي ڏني ته ڪيس جي فائنل رپورٽ تيار ٿي چڪي آھي جيڪا ايف آءِ اي جي اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪلي وئي جنھن جي اجازت بعد ھڪ يا ٻن ڏينهن اندر فائنل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي. فريادي ڌر جي وڪيل چيو ته عدالت روپوش جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي ايف آءِ اي عملدارن کان پڇا ڪئي جنھن تي عملدارن چيو جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن پر اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آھن. امير احمد مڱريو چيو ته عدالت ايف آءِ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي کين ھدايت ڪئي ته اوھان وٽ اختيار آھن جن جو استعمال ڪري روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
19%
3.5m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون