ڊونلڊ لو ڪوڙو بيان ڏنو، اسد مجيد کي گهرائڻ گهرجي ها : علي امين گنڊا پور

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو آهي ته ڊونلڊ لو ڪوڙو بيان ڏنو، اسد مجيد کي گهرائڻ گهرجي ها، جيڪڏهن سائفر جو ڪو وجود ناهي ته پي ٽي آءِ جي بياني کي سزا ڇو ملي آهي، فارم 47 واري حڪومت کي قبول نه ڪيو ويندو، چوري جي مئنڊيٽ واري حڪومت ڊليور نه ڪري سگهندي. اسلام آباد جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊا پور چيو ته سائفر سازش هئي هو هاڻي به پنهنجي بيان تي بيٺل آهن، غيرتمند پاڪستاني جي گهر ۾ مداخلت به هجي ته اها سازش آهي. سندس چوڻ هو ته سائفر بابت ڊونلڊ جي بيان جي پاڪستاني سفير اسد مجيد تصديق ڪئي هئي، اسد مجيد کي گهرائي پڇا ڪئي وڃي ته ڳالهيون ناهن ٿيون ته سائفر ڪنهن اماڻيو، ڊونلڊ لو جيڪڏهن سچ ڳالهائي رهيو آهي ته سائفر ڇا هو؟. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو ته جيڪڏهن سائفر نه هو ته تحريڪ انصاف باني کي سزا ڇو ڏني وئي، ملڪ اندر ڪنهن جي مداخلت برداشت نه ڪندا، ملڪ سان جيڪو تجربو ڪيو ويو ان سان عوام کي نقصان ٿيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف باني ڪڏهن ڊيل نه ڪندو، هن هميشه چيو آهي ته ته پاڪستان لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ عوام جا مسئلا حل ڪري رهيا آهن، وفاق کي پيسا ڏيڻا آهن، هي ڪي پي جو حق آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته ووٽ چوري ڪري حڪومت ٺهي، عوام ووٽ نه ڏيا، اليڪشن ۾ تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي، پي ٽي آءِ جون 180 سيٽون چوري ٿيون، عوام جي سپورٽ حڪومت سان گڏ ناهي هي ڇا ڊليور ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران فارم 45 ۽ 47 بابت ٿيل ڳالهين تي سوال تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو ته وزيراعظم پاڻ فارم 47 وارو آهي، هو ان سان ڇا ڳالهيون ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
27%
3m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون