- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر پنجگور کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ صوبي ۾ پرامن احتجاج جي نالي تي بدامني پيدا ڪئي وئي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته سڄي پاڪستان کي آزادي جون واڌايون پيش ڪريان ٿو، بلوچستان جي هر ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو ملهايو ويو.
سندس چوڻ هو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، ڊپٽي ڪمشنر پنجگور کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، هي واقعو بي ايل اي جو هو، بلوچن جي نسل ڪشي ته پاڻ هي عنصر ڪري رهيا آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته هو ذاڪر بلوچ جي قتل جي مذمت ڪن ٿا، سندس خاندان جي مڪمل مدد ڪندا، احتجاج جي نالي تي بلوچستان ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سرفراز بگٽي چيو ته 14 آگسٽ تي هنن بلوچستان جي مختلف تعلقن ۾ 21 نادرا سينٽرز جو افتتاح ڪيو آهي، صوبي جي 500 شاگردن کي اسلام آباد ۾ تعليم ڏياري ويندي.- Advertisement -
