- Advertisement -
ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان ٽيم صائم ايوب جي شاندار پرفارمنس جي مدد سان ڏکڻ آفريڪا کي مقرر اوررن ۾ 207 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو ميزبان ٽيم آخري اوور جي ٽئين بال تي حاصل ڪير ورتو.
پروٽيز طرفان ريزا هينڊرِڪس 63 بالن تي 117 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 10 ڇڪا ۽ ست چوڪا شامل هئا.
ان کان علاوه ميٿو برٽز 12 ۽ ريان ريڪلٽن 2 رنسون ٺاهيون جڏهن ته وين ڊروڊسين 38 بالن تي 66 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان جي جهانداد خان ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته عباس آفريديءَ هڪ وڪيٽ ورتي.
ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا کي ٻه ٻڙيءَ جي فيصلائتي برتري حاصل آهي.
ان کان اڳ سنچورين ۾ اوپننگ بيٽر صائم ايوب زبردست راند جو مظاهرو ڪندي 98 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ مخالف ٽيم کي وڏو هدف سيٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
بابراعظم 31 ۽ عرفان 30 رنسن جي دونهيدار اننگز کيڏي.
اهڙي طرح پاڪستان مقرر ويهن اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون ۽ ڏکڻ آفريڪا کي 207 رنسن جو هدف ڏنو.
ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان رضوان 11، عثمان خان ٽي ۽ طيب طاهر 6 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو.
واضع رهي ته ڏکڻ آفريڪا پهري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 11 رنسن سان شڪست ڏني هئي.- Advertisement -
