تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي

- Advertisement -
ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان ٽيم صائم ايوب جي شاندار پرفارمنس جي مدد سان ڏکڻ آفريڪا کي مقرر اوررن ۾ 207 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو ميزبان ٽيم آخري اوور جي ٽئين بال تي حاصل ڪير ورتو. پروٽيز طرفان ريزا هينڊرِڪس 63 بالن تي 117 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 10 ڇڪا ۽ ست چوڪا شامل هئا. ان کان علاوه ميٿو برٽز 12 ۽ ريان ريڪلٽن 2 رنسون ٺاهيون جڏهن ته وين ڊروڊسين 38 بالن تي 66 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان جي جهانداد خان ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته عباس آفريديءَ هڪ وڪيٽ ورتي. ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا کي ٻه ٻڙيءَ جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. ان کان اڳ سنچورين ۾ اوپننگ بيٽر صائم ايوب زبردست راند جو مظاهرو ڪندي 98 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ مخالف ٽيم کي وڏو هدف سيٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. بابراعظم 31 ۽ عرفان 30 رنسن جي دونهيدار اننگز کيڏي. اهڙي طرح پاڪستان مقرر ويهن اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون ۽ ڏکڻ آفريڪا کي 207 رنسن جو هدف ڏنو. ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان رضوان 11، عثمان خان ٽي ۽ طيب طاهر 6 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو. واضع رهي ته ڏکڻ آفريڪا پهري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 11 رنسن سان شڪست ڏني هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون