پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ قائم ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 45 هزار 980 کان وڌيڪ پوائنٽس جي نئين بلند ترين حد پار ڪري وئي.
ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 900 کان وڌيڪ پوائنش جي اضافي سان هڪ لک 45 هزار 980 کان وڌيڪ پوائنٽس جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر 17 پيسا سستو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 282 رپيا 67 پيسا مان گهٽجي 282 رپيا 50 پيسا تي اچي ويو.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومتي پاليسين سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.