- Advertisement -
ڪراچي ۾ اِي چالان جي خوف سبب شهري وڪرو ڪيل ڏهن موٽر سائيڪلن ۽ خريدارن جا تفصيل ٿاڻي تي جمع ڪرائي ڇڏيا.
نيلم ڪالوني واسي ناظم علي ڪلفٽن ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
شهري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو هن وقت تائين ڏهه موٽرسائيڪلون وڪرو ڪري چڪو آهي، جيڪي اڃا تائين هن ۽ سندن ڀائرن جي نالن تي رجسٽرڊ آهن.
سندس چوڻ هو ته موٽر سائيڪلون خريد ڪندڙن ڪاغذ پنهنجي نالي نه ڪرايا آهن، وڪرو ڪيل موٽر سائيڪلن سان سندس ڪو به تعلق ناهي.
شهري جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي اِي چالان موٽرسائيڪل جي مالڪ کي گهر اماڻيو وڃي ٿو………
- Advertisement -
