ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ رينجرز جي ڪارروائي ، اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث 4 جوابدارن گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته منگهو پير ۾ سنيپ چيڪنگ دوران ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ترجمان موجب، گرفتار اسٽريٽ ڪرمنلز ۾ دانش، رحمان، علي ۽ علي رضا شامل آهن، جن وٽان هڪ 30 بور پسٽل، هڪ نائن ايم ايم پسٽل، ڦر ڪيل موبائل فونز ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. رينجرز ترجمان موجب، شروعاتي جاچ دوران جوابدار منگهو پير، نيو ڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ مٿن مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن. رينجرز ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار، هٿ آيل هٿيار ۽ ٻيو سامان وڌي ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
26%
4.2m/s
15%
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون