اسرائيلي فورسز طرفان غزه جي الشفا اسپتال جو گھيراءُ چوٿين ڏينهن به جاري، اسپتال ۾ يهودي فوج هٿان هن وقت تائين هڪ سئو 40 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن

- Advertisement -
اسرائيلي فورسز طرفان غزه جي الشفا اسپتال جو گھيراءُ چوٿين ڏينهن به جاري آهي، اسپتال ۾ يهودي فوج هٿان هن وقت تائين هڪ سئو 40 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز طرفان غزه جي الشفا اسپتال جو گھيراءُ چوٿين ڏينهن به جاري آهي. فلسطيني ميڊيا موجب، اسرائيل الشفا اسپتال مان 650 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اسرائيلي عملدارن دعوى ڪئي آهي ته گرفتار ٿيلن ۾ حماس ۽ حزب اسلامي جا ڪمانڊر به شامل آهن. فلسطيني ميڊيا موجب، ديرالبلاح ۾ ڪرد ڪٽنبن جي گهرن تي بمباري ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته النصيرات ڪيمپ تي حملي ۾ 9 ڄڻڻ شهادت جو جام پيتو. اسرائيلي حملن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ سئو کان وڏيڪ فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو انگ 31 هزار 988 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 74 هزار 188 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
18%
1.1m/s
2%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون