ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.
ايڪسائز عملدارن موجب ايڪسائز ڏکڻ جي ٽيم انسپيڪٽر انور عباسي جي سربراهي ۾ اين ايم سي اسپتال ڪالا پل ويجهو ڪارروائي ڪئي.
ايڪسائز عملدارن جو چوڻ هو ته منشيات فروش جوابدار طاهر خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار جي قبضي مان 5 هزار 720 گرام چرس هٿ آيو آهي.
ايڪسائيز عملدارن موجب جوابدار طاهر خان خلاف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.
ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ڪارروائي، منشيات فروش گرفتار
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


