ڪراچي : مبينا پوليس مقابلو، رحما ڊڪيت جو پٽ مارجي ويو

- Advertisement -
ڪراچي پوليس مقابلي دوران لياري جي ڏوهاري ٽولي سان تعلق رکندڙ ڏوهاري کي مارڻ ۽ سندس ساٿيءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوبلي سول ڊفينس ايريا ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران عبدالرحمان بلوچ جو پٽ سربان مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي مقصود کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري ۽ زخمي جي قبضي مان 4 ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون ۽ 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري سربان قتل، ارادي قتل ۽ ڀتي خوري جي ڪيسن ۾ اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي، جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ غريب شاهه روڊ ڀرسان منشيات جي اڏي تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ مسلم طفيل بلوچ زخمي ٿي هو جيڪو علاج دوران فوت ٿي ويو هو. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري يڪسر لائين، غريب شاهه، افشاني گلي ۽ ڀرپاسي ۾ خوف جي علامت سمجهيو ويندو هو، سندس ٻين ساٿين ۾ حبيب لمبا، راشد لمبا، بادشاهه بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
23%
0.8m/s
0%
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون