- Advertisement -
ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن جي وفد وزيراعليٰ هائوس پهچي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان ملاقات ڪئي.
صدر بئريسٽر سرفراز علي ميتلو، سرفراز منير، عامر سليم، رزاق مهر، قادر مهر ۽ ٻين وڪيلن جي اڳواڻي ۾ وفد قانون واري وزير کي ڪارونجهر جبل جي تحفظ بابت هڪ باضابطه ياداشت نامو پيش ڪيو، جنهن ۾ موجوده ۽ امڪاني خطرن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو.
بار ايسوسيئيشن مطابق ڪارونجهر جبل سنڌ جو اهم قدرتي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو آهي، جنهن جي حفاظت لاءِ فوري ۽ مضبوط قدم کنيا وڃن گهرجن.
وزير ضياءُ الحسن لنجار وڪيلن کي خاطري ڪرائي ته سنڌ جي زمين سندن ابن ڏاڏن جي امانت آهي ۽ حڪومت ان جي ماحول، جبلن، قدرتي وسيلن ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي حفاظت کي پنهنجي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري سمجهي ٿي.
قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار خاطري ڪرائي ته ڪارونجهر سميت سنڌ جي سڀني تاريخي ۽ ماحولياتي ماڳن جي حفاظت لاءِ ضروري قانوني، انتظامي ۽ عملي قدم کنيا ويندا ۽ وڪيل برادري جي سفارشن تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن سطح تي عوامي مفاد، شفافيت ۽ انصاف جي گهرجن کي ترجيح ڏيندي ۽ سنڌ جي قدرتي، ماحولياتي ۽ ثقافتي اثاثن کي ڪنهن به حالت ۾ نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندي.
يادداشت تي قانون واري وزير ۽ وڪيل اڳواڻن صحيحون پڻ ڪيون.
- Advertisement -
