- Advertisement -
اوقاف ۽ عشر زڪوات جي صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي چيو آهي ته ڪوهستان جا ڪيترائي علائقا بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت کانپوءِ وڏا پروجيڪٽ اچي رهيا آهن، جيڪي روزگار جو وڏو ذريعو مهيا ڪن پيا.
صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي ڪوهستان جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا ۽ نواز پالاري جي والد جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت پڻ ڪئي.
ان موقعي تي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي رياض حسين شاهه شيرازي چيو ته ڪوهستاني پٽي جي بلڊرن جي ڀرمار آهي جنهن لاءِ ڪوششون آهن ته ڳوٺن کي پڪو ڪري رڪارڊ ڏنو وڃي.
هن چيو ته ڪوهستان جي زمين تي پابندي ختم ڪئي آهي، ڊي سي کي ملاقات ۾ چيو هو ته مقامي ماڻهن جا پراڻا کاتا بحال ڪري کين ڪمپوٽرائز ڪري ڏنا وڃن .
سندس چوڻ هو ته ٺٽو ضلعو ٻه هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ونڊ پاور پلانٽ وارا اربين روپيا ڪمائي رهيا آهن، جيڪي سي آر سي فنڊ جو هڪ سيڪڙو خرچ ڪن ته علائقي ۾ ڪافي سهولتون ملي سگهن ٿيون ۽ ٺٽي ضلعي کي مفت بجلي ملي سگهي ٿي، ان لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهايو آهي.
صوبائي وزير چيو ته وڏي وزير سان ملاقات ڪري ضلعي ٺٽي ۽ سنڌ اندر ڪمن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون.- Advertisement -
