ڪوٽڙي سائيٽ ۾ افغان پناهگيرن خلاف آپريشن دوران هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
حڪومت جي هدايتن تي غيرقانوني طور ترسيل افغان پناهگيرن خلاف آپريشن جاري آهي.
ان سلسلي ۾ پوليس ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستي ۾ افغان بستي تي وڏي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جي خاص هدايت تي ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ڪوٽڙي سائيٽ جي افغان بستي ۾ داخل ٿي گهر گهر تلاشي ورتي.
سرچ ڊوائيس ذريعي غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي تہ حڪومت جي سخت پاليسي تحت ضلعي ڄامشوري ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب پهرين مرحلي ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران هڪ شڪي کي هراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.