- Advertisement -
ڪي ايم سي جي سيوريج پمپنگ اسٽيشنن کي پارڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته شهري حڪومت پيڙهه جا پٿر نه پر منصوبا مڪمل ڪري افتتاح ڪري رهي آهي، ترقي ۽ بهتري جو سفر سموري ڪراچي ۾ جاري رهندو، منافقت جو خاتمو ضروري ٿي ويو آهي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي ڳالهيون گهٽ، ڪم وڌيڪ ڪندي آهي، باقي ماڻهو ڳالهيون ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته ترقي ۽ بهتري جو سفر ڪراچي جي سمورين ٽائون ۾ جاري رهندو، ڪي ايم سي جي سيوريج پمپنگ اسٽيشنن کي پارڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، واٽر ڪارپوريشن جي 9 پمپنگ اسٽيشن لاءِ 18 نوان پمپ رکيا آهن.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي لياري جي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا، انهن کي پورو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، ترقي جو سفر ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ جاري آهي، منافقت کي رد ڪرڻ ڪندا، هو رڳو ڪم ڪندا.
هن چيو ته سياسي اختلافن کي پاسي تي رکي کين ڪراچي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي خدمت تي يقين رکي ٿي، بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن………- Advertisement -
