- Advertisement -
9 مئي سانحي جي 19 جوابدارن جي سزا معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نو مئي جي سزائن تي عمل دوران جوابدارن قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيون.
آءِ ايس پي آر موجب، مجموعي طور 67 جوابدارن رحم جون اپيلون داخل ڪيون آهن، 48 درخواستون قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليون ويون آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 19 جوابدارن جي درخواستن کي انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو ويو آهي، ٻين درخواستن تي به عمل مقرر وقت اندر قانون موجب ڪيو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، سزا معاف جوابدارن ۾ محمد اياز، سميع الله، لئيق احمد، امجد علي، ياسر نواز، سِيعد عالم، زاهد خان، محمد سليمان، حمزا شريف ۽ محمد سليمان شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اشعر بٽ، محمد وقاص، سفيان ادريس، منيب احمد، محمد احمد، محمد نواز، محمد علي، محمد بلاول ۽ محمد الياس به سزا معاف جوابدارن ۾ شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، ڏوهارين کي ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪيو پيو وڃي، ٻين سمورن جوابدارن وٽ به اپيل ڪرڻ، قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن، سزائن ۾ معافي سندن منصفاڻي قانوني عمل ۽ انصاف جي مضبوطي جو ثبوت آهي.
ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو- Advertisement -
