- Advertisement -
گهوٽڪي جي عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ اڪيلو اچڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 23 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج نه هئڻ سبب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران فريادڻ پٺاڻي گڏاڻي، سندس پٽ يعقوب گڏاڻي، جاچ آفيسر سراج لاشاري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز، نور محمد لنڊ ۽ گرفتار جوابدار اصغر لنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا.
فريادي ڌر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار فريادي ڌر کي هيسائڻ لاءِ سوين ماڻهن ۽ هٿيارن سان گڏ عدالت اچن ٿا.
عدالت پاران پڇاڻو ڪرڻ تي جاچ آفيسر سراج لاشاري ٻڌايو ته جوابدارن طرفان فريادين کي هيسائڻ واري ڳالهه درست ناهي.
عدالت پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ اڪيلو اچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران فريادڻ پٺاڻي گڏاڻي، سندس پٽ يعقوب گڏاڻي، جاچ آفيسر سراج لاشاري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز، نور محمد لنڊ ۽ گرفتار جوابدار اصغر لنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج نه هئڻ سبب فريادي ۽ جوابدار ڌر سميت ٻيا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت پهتا.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم اين اي خالد لنڊ چيو ته جيڪا جي آءِ ٽي ٺھي آهي، ھاڻي اھا ڪوڙي ٺاھن يا سچي ٺاھن، شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي سان سندن ڪابه دشمني نه ھئي ھو سندن ڀاءُ ھو، معاملو پردي پٺيان سياسي آھي، هو انھن ماڻھن جا نالا نه کڻندو ۽ نه ئي ھنن جو ڪد ڪاٺ وڌائڻ چاھي ٿو.
ان موقعي تي جاچ آفيسر سراج لاشاري چيو ته جاچ مڪمل آهي، پراسيڪيوٽر پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته جاچ ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ويا ويا آهن، اهڙي رپورٽ عدالت اڳيان رکي ويندي، جيڪڏهن ته عدالت دهشتگردي جا قلم ختم ڪيا ته چالان عام عدالت ۾ پيش ٿيندو.- Advertisement -
