- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان غزا ۾ مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي زور ڀريندي چيو آهي ته عالمي برادري والاريل فلسطيني علائقن ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي متبادل مستقل نمائندي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته اسرائيل جي اولهه ڪناري ۾ جارحيت کي روڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته انساني امداد کي هٿيار طور استعمال نٿو ڪري سگهجي؟.
پاڪستان جي متبادل مستقل نمائندي عاصم افتخار غزا ۾ مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي زور ڏنو ۽ چيو ته وچ اوڀر ۾ بدامني جي پاڙ اسرائيل جو غيرقانوني قبضو آهي، عالمي برادري فلسطيني علائقن ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي.
عاصم افتخار اپيل ڪئي ته سلامتي ڪائونسل فلسطينين جي جبري بي دخلي خلاف ڄمي بيهي.- Advertisement -
