- Advertisement -
چڪ ويجهو پراسرار طور گم ٿي ويل 6 ڳوٺاڻن مان چئن ڄڻن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي.
ڳوٺ عيسو ٽانوري واسي 6 ڄڻا مهمانن کي ڪراچي لاءِ ڪوچ ۾ چاڙهي واپس موٽيا ته پراسرار طور گم ٿي ويا.
هٿياربندن ٻن نوجوانن عبدالسميع ٽانوري ۽ عبدالڪريم ٽانوري کي ڇڏي ڏنو.
هٿياربند 4 ڄڻن عبدالوحيد ٽانوري، عرفان، راحب ۽ عبدالقادر ٽانوري کي ڪچي طرف کڻي ويا.
واقعي کانپوءِ مغوين جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، پوليس سندن ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
چڪ پوليس موجب وارثن اطلاع ڏنو آهي ۽ لوڊر رڪشا به ڳوٺ علي آباد ويجهو زمين مان مليو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
