تازه ترين

12 سئو کان وڌيڪ افغانين جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي: ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو

- Advertisement -
ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت مسعود تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جيڪو به قانون ٽوڙيندو تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڳالهائيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو ته 12 سئو کان وڌيڪ افغانين جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. جاويد عالم اوڍو جو چوڻ هو ته افغانين جي بايو ميٽرڪ ذريعي سڃاڻپ ڪري رهيا آهن، کين نيڪالي ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اهو وڏو مرحلو آهي ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه افغانين پاڻ کي ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو آهي انهن خلاف به ڪارروايون جاري آهن. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو جو چوڻ هو ته حددخلين ختم ڪرڻ هنن جو ڪم ناهي، هدايت موجب سڪيورٽي فراهم ڪندا آهيون، حددخلين خلاف لاڳاپيل ادارن کي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر مهمير تنيو جي ڪيس بابت جاچ هلندڙ آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.3 ° C
8.3 °
8.3 °
11 %
2.3kmh
0 %
سُومر
18 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
19 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون