- Advertisement -
ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت مسعود تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جيڪو به قانون ٽوڙيندو تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڳالهائيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو ته 12 سئو کان وڌيڪ افغانين جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.
جاويد عالم اوڍو جو چوڻ هو ته افغانين جي بايو ميٽرڪ ذريعي سڃاڻپ ڪري رهيا آهن، کين نيڪالي ڏئي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اهو وڏو مرحلو آهي ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه افغانين پاڻ کي ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو آهي انهن خلاف به ڪارروايون جاري آهن.
ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو جو چوڻ هو ته حددخلين ختم ڪرڻ هنن جو ڪم ناهي، هدايت موجب سڪيورٽي فراهم ڪندا آهيون، حددخلين خلاف لاڳاپيل ادارن کي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي.
سندس چوڻ هو ته مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر مهمير تنيو جي ڪيس بابت جاچ هلندڙ آهي
- Advertisement -
