تازه ترين

18هين ترميم صوبن جي دلين جي گهڻو ويجهو آهي، ان تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ٿي سگهي :شازيا مري

- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته 18هين ترميم صوبن جي دلين جي گهڻو ويجهو آهي، ان تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ٿي سگهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شازيا مري جو چوڻ هو ته ڪافي عرصي کان 27هين ترميم جي حوالي سان اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت باقاعده طور تي پيپلز پارٽي سان 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي ۽ ترميم تي حمايت گهري آهي. شازيا مري جو چوڻ هو ته صوبن جي اختيارن تي پيپلز پارٽي اتفاق راءِ پيدا ڪندي، 18هين ترميم ۾ صوبن جي اختيارن کان پوئتي ٿيڻ مناسب نه ناهي ۽ ممڪن به نه هوندو. سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم صوبن جي دلين جي گهڻو ويجهو آهي ان تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ٿي سگهي. پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته 27 هين آئيني ترميم جي حوالي سان حڪومت جي آڇ کي پيپلز پارٽي جي سي اي سي ڪميٽي ۾ رکيو ويندو ۽ سي اي سي ۾ فيصلو ڪيو ويندو. شازيا مري جو چوڻ هو ته ن ليگ سان عوامي اشو تي ڳالهائينداسين، 27هين آئيني ترميم کي اعوامي اعتبار جي حوالي سان به ڏٺو ويندو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سموريون شيون پنهنجي اصولي موقف تي ڏسندي، جيڪڏهن حڪومت ڪنهن شيءِ تي متفق آهي ۽ اسان کي متفق ڪرڻ چاهي ٿي ته ان تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.4 ° C
10.4 °
10.4 °
14 %
2.3kmh
0 %
جمعو
10 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °
اڱارو
18 °

تازه ترين خبرون