- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن چيو آهي ته 25 سيپٽمبر تي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ قرض پروگرام جي منظوري ڏئي سگهجي ٿي.
پاڪستان آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته 25 سيپٽمبر تي رٿيل ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي قرض پروگرام جي منظوري کي به ايجنڊا جو حصو بڻايو ويو آهي.
ان ڳالهه جي تصديق آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪشن جوليا ڪوزيڪ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ايگزيڪيٽو بورڊ جو اجلاس 25 سيپٽمبر تي ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ نئين قرض پروگرام جي منظوريءَ جو امڪان آهي.
هن چيو ته پاڪستان سان ڳالهيون جولاءِ ۾ مڪمل ٿي ويون هيون، جنهن ۾ 7 ارب ڊالر جي نئين قرض پروگرام تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻئي پاسي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف سان قرض معاهدي بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آءِ ايم ايف سان معاملا بهتر نموني طئه ٿي ويا آهن.
هن چيو ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف جي بورڊ جي اجلاس دوران معاملن کي قطعي شڪل ڏني ويندي، معيشت استحڪام کانپوءِ ترقي طرف وڌي رهي آهي، پاليسي ريٽ ۾گهٽتائي سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.- Advertisement -
